سِرَ جي صدا سُرَ ۾

سِرَ جي صدا سُرَ ۾

سِرَ جي صدا سُرَ ۾

سِرَ جي صدا سُرَ ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب ناليواري قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي تقريرن تي مشتمل آهي. ڪتاب ۾ ڪل 21 تقريرون شامل ڪيون ويون آهن، جيڪي هن مختلف وقتن تي مختلف پروگرامن ۽ جلسن ۾ ڪيون هيون. هن ڪتاب جو انتساب جي. ايم. سيد ۽ شيخ اياز کي هنن لفظن ۾ ڪيو ويو آهي ته: ”سائين جي. ايم سيد ۽ شيخ اياز جي نالي جن جي قرض هيٺ سموري سنڌ سان گڏ آءُ به جڪڙيل آهيان. ڪاش منهنجي جڪڙيل جيءَ کي سچ اهڙي سگھه ڏي، جو اهو قرض سنڌ جي آزاديءَ جي صورت ۾ لاهي سگھان، ڇو ته ان قرض لاهڻ جي ٻي ڪائي صورت به ناهي.“
ڪتاب جو تفصيلي مهاڳ عبدالواحد آريسر پاڻ لکيو آهي، هن تقريرن ۾ ڪتب آيل ٻولي توڙي انداز عالماڻو آهي، جنهن ۾ فڪري گهرائي پڻ محسوس ٿئي ٿي. سموريون تقريرون تاريخي معلومات سان ٽمٽار آهن. ڊيمي سائيز جي 126 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي، جنهن کي نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ سِرَ جي صدا سُرَ ۾ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو